ملڪي برآمدات ۾ هڪ ارب 70 ڪروڙ ڊالرن جو اضافو

ملڪي برآمدات ۾ هڪ ارب 70 ڪروڙ ڊالرن جو اضافو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)واپار واري وفاقي وزارت جو چوڻ آهي ته سيپٽمبر 2023ع کان جنوري 2024ع تائين پاڪستان جي برآمدات ۾ هڪ ارب 70 ڪروڙ ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي.واپار واري وزارت جي عملدارن موجب جولاءِ آگسٽ 2023ع ۾ ملڪي برآمدات کي ساليانو بنيادن تي ڌڪ لڳو جنهن کانپوءِ نگران حڪومت هر مهيني سالياني بنيادن تي برآمدات ۾ اضافو ڪيو.واپار واري وزارت جي عملدارن موجب سيپٽمبر 2022ع ۾ برآمدات 2 ارب 44 ڪروڙ ڊالر هئي ۽ سيپٽمبر 2023ع ۾ برآمدات وڌي 2 ارب 47 ڪروڙ ڊالر ٿي وئي، جڏهن ته آڪٽوبر 2022ع ۾ برآمدات 2 ارب 38 ڪروڙ ڊالر هئي، جنهن ۾ آڪٽوبر 2023 ۾ ايڪسپورٽ وڌي 2 ارب 69 ارب ڊالر ٿي وئي، نومبر 2022 ۾ ايڪسپورٽ 2 ارب 39 ارب ڊالر هئي جيڪا نومبر 2023 ۾ وڌي 2 ارب 57 ارب ڊالر ٿي وئي. اختيارين موجب ڊسمبر 2022ع ۾ ملڪي برآمدات 2 ارب 31 ڪروڙ ڊالر هئي، جيڪا ڊسمبر 2023ع ۾ 2 ارب 81 ڪروڙ ڊالر رهي. اهڙي ريت جنوري 2023ع ۾ برآمدات 2 ارب 19 ڪروڙ ڊالر هئي، جيڪا جنوري 2024ع ۾ 2 ارب 78 ڪروڙ ڊالر ٿي وئي.آفيسرن چيو ته ايڪسپورٽ سال جي بنياد تي جنوري ۾ تقريبا 600 ملين ڊالر وڌي وئي.ان کانسواءِ واپار واري وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ٽيڪسٽائيل شعبي کي 9 سينٽ جي شرح تي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، جنهن سان ملڪي برآمدات ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو