ملڪ ۾ ٻيهر بجلي جو بحران، رات دير سان غير اعلانيل لوڊشيڊنگ

ملڪ ۾ ٻيهر بجلي جو بحران، رات دير سان غير اعلانيل لوڊشيڊنگ

اسلام آباد(بيورو)سڄي ملڪ ۾ بجلي جو بحران ٻيهر شدت اختيار ڪرڻ لڳو،ملڪ ۾ بجلي جي شديد بحران سبب بجلي جي طلب ۽ رسد ۾ فرق 7 هزار ميگاواٽ کان وڌي ويو آهي.بحران سبب بجلي جي لوڊشيڊنگ جو مدو به اوچتو وڌي ويو آهي، ڳوٺن ۾ 11 ڪلاڪ بجلي غائب رهي، جڏهن ته ڏکڻ پنجاب ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو مدو 10 ڪلاڪن کان به وڌي ويو. ٻئي طرف ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو دائرو به اوچتو وڌي ويو ۽ رات دير سان بجلي جي اوچتو بندش سبب شهري ذهني اذيت ۾ مبتلا ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو