اسلام آباد ( بيورو) شماريات کاتي ملڪ ۾ هفتوار مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. شماريات کاتي موجب هلندڙ هفتي مهانگائي جي گڏيل شرح ۾ 0.58 سيڪڙو لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ گڏيل شرح 42.70 سيڪڙو رهي.ڳڻپ واري کاتي ٻڌايو ته هلندڙ هفتي 26 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، هفتي دوران ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 297 رُپيا مهانگو ٿي 3 هزار 84 رُپين جو ٿي ويو.شماريات کاتي موجب 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي 51 رُپيا 75 پئسا، آنا 8 رُپيا 98 پئسا في درزن، مڱن جي دال 6 رُپيا 41 پئسا، چڻن جي دال 4 رُپيا، ماش جي دال 3 رُپيا 29 پئسا مهانگي ٿي.شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته چانهه جي پتي، ڏهي، کير، ڊبل روٽي، پٽاٽا، ٿوم، گوشت ۽ چانور پڻ مهانگا ٿيا.شماريات کاتي موجب هفتي دوران 9 ضرورت وارين شين جي اگهن ۾ لاٿ رڪارڊ ٿي ۽ بصر 73 رُپيا في ڪلو سستو ٿيا، ان کانسواءِ ٽماٽا 14 رُپيا 46 پئسا في ڪلو، ڪيلا 2 رُپيا 46 پئسا في درزن ۽ گيهه جي في ڪلو ۾ ٻه رُپيا 98 پئسا لاٿ آئي.شماريات کاتي ٻڌايو ته هفتي دوران 16 ضرورت وارين شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.










