ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس ۾ خرابي دور ٿي وئي آهي.پي ٽي سي ايل جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مختلف هنڌن تي آپٽيڪل فائبر ڪٽجڻ سبب انٽرنيٽ سروس متاثر ٿي آهي، جنهن سبب ملڪ جي اترين ۽ مرڪزي علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي. ترجمان چيو ته پي ٽي سي ايل TAMSNEXT جي نشاندهي ڪري خرابي کي دور ڪري ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ انٽرنيٽ جي فراهمي مڪمل طور تي بحال ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته هڪ هفتي اندر انٽرنيٽ جي بريڪ ڊائون جو هي ٻيو وڏو واقعو آهي، ان کان اڳ 19 آگسٽ تي به پي ٽي سي ايل جي ٽرانسميشن سسٽم ۾ ٽيڪنيڪل خرابي سامهون آئي هئي.










