ملڪ کي بچائڻ چاهيندڙن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو: گورنر سنڌ

ملڪ کي بچائڻ چاهيندڙن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو: گورنر سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته پاڪ فوج جي ڊي جيز جي پريس ڪانفرنس معاشي بحران ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان کي بچائڻ لاءِ هئي، جيڪي ملڪ بچائڻ چاهين ٿا اڄ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر چيو ته ايم ڪيو ايم لاءِ سمورا دروازا کليل آهن.فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس تي ڳالهائيندي هن چيو ته فيصل واوڊا جي بيان جي جاچ ٿيڻ گهرجي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ بابت ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان ڪنهن به اهڙي مارچ جو متحمل نٿو ٿي سگهي جنهن ۾ خونريزي هجي. هن چيو ته هن غلطي ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ هڪ اهڙي سياسي جماعت کي ڏنو جنهن ملڪ جو نظام خراب ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ڪيو، هاڻي ايم ڪيو ايم جي سخت ضرورت آهي ۽ ايندڙ دور ايم ڪيو ايم جو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو