شهدادپور(ن س)شھدادپور ڀرسان ڳوٺ شاھ مردان آباد ۾ سنڌ پوليس پاران يوم شھداءۡ ملهائڻ جي سلسلي ۾ ڊي ايس پي سنجهورو نثار احمد وساڻ حد ٿاڻي شاهپورچاڪر جو سب انسپيڪٽر غلام ڏاهري، وڏو منشي غلام النبي جلباڻي ۽ پوليس اهلڪار ساڻ ڪري ٽنڊوآدم لڳ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ شھيد ٿيل سنڌ پوليس جي اي ايس آء شھيد محمد صلاح منگي جي آخري آرام گاھ تي پهچي گلن جي چادر چاڙھي ۽ گلن جي ورکا ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊي ايس پي نثار احمد وساڻ چيو ته پوليس عوام جو محافظ ادارو آھي. پوليس جي جوانن هر موڙ تي عوام جي حفاظت ڪئي آھي. اهيو سبب آھي. جو تاريخ پوليس جوانن جي شھادت سان ڀري پئي آهي. ان موقعي تي شھيد جي وارث ڀائر، پٽ، ۽ عزيز پڻ موجود هئا.










