ڪراچي(رپورٽر) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ملير ايڪسپريس وي پروجيڪٽ تي ملير واسين جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن. منصوبي جو رستو اهو ئي هوندو، جنهن تي ملير جا مقامي رھواسي اعتراض نه ڪن.سڌ سماءُ ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد حسين شاهه چيو ته ملير ايڪسپريس وي پروجيڪٽ ڪراچي شهر جو اھم منصوبو آهي. جنهن سان ملير ۾ ترقي جي رفتار تيز ٿيندي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ملير جي مقامي ماڻهن ملير ايڪسپريس وي جي روٽ تي ڪجهه خدشا ظاهر ڪيا هئا.پاڪستان پيپلزپارٽي ملير جي ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ پارٽي عھديدارن اھو معاملو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وٽ اٿاريو. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري معاملي جو نوٽيس وٺندي، سنڌ جي وڏي وزير ۽ مون کي هدايت ڪئي ته منصوبي تي ملير واسين جا خدشا ختم ڪيا وڃن. جنهن کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ ملير جي چونڊيل پي پي پي ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ پارٽي جي عهديدارن شرڪت ڪئي.سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اجلاس بعد ملير ايڪسپريس وي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ سندس ٽيم کي ملير اماڻيو ويو ۽ پراجيڪٽ جي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اهو رستو چونڊين، جنهن تي مقامي ماڻهن کي اعتراض نه هجي.اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ملير پيپلزپارٽي جو مظبوط قلعو آهي، ملير واسين جي خدشن کي ڪنھن به صورت ۾ نظرانداز نه ڪيو ويندو. ملير ۾ ترقياتي منصوبا ملير جي رھواسين جي مرضي موجب مڪمل ڪيا ويندا.










