ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏو ٽارگيٽ چيز ڪرڻ لاءِ مارنس لبوشي ۽ معاذ سعادت اننگ شروع ڪئي، معاذ 7 رنز ٺاهي اسماعيل جي بال تي فلپي هٿان ڪيچ ٿي ويو، صائم ايوب 10 بالن تي 5 رنز ٺاهي اسماعيل جي بال تي محمد نواز هٿان ڪيچ ٿي ويو، ڪسال پريرا کي اسمعيل بولڊ ڪري ڇڏيو ۽ 48 تي حيدرآباد جا 3 آئوٽ ٿي ويا. جنهن بعد لبوشين ۽ عثمان خان زبردست شاٽ کيڏي ٽيم جو اسڪور9 اوورن ۾ 100 کان پار ڪرايو. عثمان خان 20 بالن تي ففٽي مڪمل ڪري حيدرآباد لاءِ اميد پيدا ڪئي، جنهن بعد لبوشين به 31 بالن 8 چوڪن جي مدد سان ففٽي مڪمل ڪئي، جنهن بعد هو 9 چوڪن جي مدد سان 41 بالن تي 61 رنز ٺاهي پيٽر سڊل جي بال تي وسيم جونئر هٿان ڪيچ ٿيو. ٻئي بال تي عثمان جو ڪيچ نواز ڊراپ ڪيو. عثمان 44 بالن تي 10 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان سينچري مڪمل ڪئي. گلين ميڪسويل 2 رنز ٺاهي پيٽر سڊل جي بال تي عرفات منهاس هٿان ڪيچ ٿيو، ان بعد عثمان خان کي به پيٽر سڊل پاڻ ئي ڪيچ ڪيو ته ملتان جي ڪيمپ ۾ مرڪون موٽي آيون جنهن بعد عرفان نيازي ۽ حسان خان اسڪور اڳتي وڌايو. حسان خان 2 ڇڪا ۽ هڪ چوڪو هڻي ملتان جي ڪيمپ ۾ سوڳ طاري ڪري ڇڏيو. 7 بالن تي 8 رنز گهربل هئا. آخري اوور جي پهرين بال تي وسيم جونئير ڪيچ ڊراپ ڪيو، آخري اوور ۾ حسان خان ڇڪو هڻي ميچ کٽائي ورتو. حيدرآباد ملتان کي هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. جيتوڻيڪ عثمان پهرين اوور کيڏڻ بعد آئوٽ ٿي ويو هو پر ڪنهن به اپيل نه ڪئي ۽ نه ئي رويو ورتو هو. ملتان سلطانز حيدرآباد ڪنگز مين کي 214 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. حيدرآباد ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. ملتان 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 213 رنز ٺاهيون. سند 3 وڪيٽون عاڪف جاويد جي آخري اوور ۾ ڪريون. ملتان جي اوپنرز ۾ 132 رنز جي پارٽنرشپ لڳي، جڏهن صاحبزاده فرحان 5 ڇڪا ۽ 4 چوڪا هڻي 43 بالن تي 66 رنز ٺاهي گليسن ميڪسويل جي بال تي مارنس لبوشين هٿان ڪيچ ٿيو. جڏهن ته اسٽيو سمٿ سينچري اسڪور ڪئي ۽ 6 ڇڪن ۽ 12 چوڪن جي مدد سان 50 بالن تي 106 رنز ٺاهي حسان خان جي بال تي لبوشين هٿان ڪيچ ٿيو. جوش فلپي 19، شان مسعود هڪ، عرفات 2، ايشتن ٽرنر 5 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا، محمد نواز زيرو تي بولڊ ٿيو.
مشهور خبرون










