مقررين تي رشوت، فرح، بزدار۽ بشريٰ جي پٽ خلاف ڪيس داخل

مقررين تي رشوت، فرح، بزدار۽ بشريٰ جي پٽ خلاف ڪيس داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ رشوت وٺڻ ۽ ڀرتيون ڪرڻ تي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار سميت 8 اهم شخصيتن خلاف اينٽي ڪرپشن ڪيس داخل ڪيو ويو.اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب پوليس اسٽيشن اينٽي ڪرپشن هيڊڪوارٽر ۾ رشوت وٺڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ اهم سياسي شخصيتون ۽ بيوروڪريٽس به شامل آهن، ڪيس ۾ اڳوڻي خاتون اول بشرا بي بي جو پٽ ابراهيم مانيڪا به نامزد آهي. ڪيس ۾ اڳوڻي بيوروڪريٽ طاهر خورشيد، صالحه سعيد، خواجا سهيل، احمد عزيز تارڙ ۽ عثمان معظم کان علاوه بشرا بي بي جي دوست فرحت شاهزئي (فرح گوگي) کي به نامزد ڪيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيس ڊگهي جاچ کانپوءِ داخل ڪيو ويو آهي، جوابدارن وڏي رشوت وٺي سڄي صوبي ۾ آفيسرن کي من پسند پوسٽون ڏنيون، ٽيمون ٺاهي ڇڏيون آهن، جلد گرفتاريون متوقع آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو