لاهور(ويب ڊيسڪ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم چيو آهي ته هو حڪومت سان معاهدي جي هر شق تي عمل ڪندا.لاهور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي امير جماعت اسلامي حافظ نعيم چيو ته مان پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي چوان ٿو ته اسان جي تحريڪ جو حصو بڻجو، مان پنهنجي سيٽ به اوهان جي اميدوار لاءِ ڇڏي ڏني آهي، اوهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي.حڪومت سان ٿيل معاهدي جي حوالي سان امير جماعت اسلامي چيو ته جماعت اسلامي معاهدو ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ به ڄاڻي ٿي، هو معاهدي جي هر شق تي عمل ڪندا ۽ حڪومت کان پوئتي نه هٽندا.آءِ پي پيز بابت ڳالهائيندي هن چيو ته 14 ڏينهن واري ڌرڻي ٻارن کي احساس ڏياريو ته آءِ پي پيز اسان جا دشمن آهن، پاڪستان ڪنهن به قسم جي تباهي جو متحمل نه ٿي سگهي.










