ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اگوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي آئي ايم ايف معاهدي ذريعي ملڪ کي وڌيڪ معاشي غلامي جي پنجوڙ ۾ ڦاسائڻ برابر قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ محب وطن واپارين، معيشت ۽ مالياتي مامرن جي ماهرن ۽ دانشورن سان ويهي ملڪي معيشت کي آئي ايم ايف جي غلامي، وياج واري قرضن جي معيشت کان نجات ڏيارڻ لاءِ لانگ ٽرم پاليسي جوڙي، زعات، تعميرات، بجلي، گيس ۽ پيٽرول مٿان ٽيڪس لڳائي کائڻ پيئڻ وارين شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ۽ تعميرات واري شعبي جي حوصله شڪني ذريعي بيروزگاري ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو انڪري آءِ ايم ايف سان معاهدي ۽ ڊڪٽيٽشن تي عمل ڪرڻ سان معاشي تباهي ۽ بربادي کان سواءِ ٻيو ڪوبه هڙ حاصل ٿي نه سگهندو. آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي جي تفصيل اچڻ تي ردِعمل ڏيندي صوبائي امير وڌيڪ چيو ته اسٽيٽ بينڪ بدران ڪمرشل بينڪن کان قرض وٺڻ تي پابندي سان معيشت تي بار وڌندو، درآمدي شين تي پابندي ختم ڪري اشرافيه جي عياشين جو رستو کولڻ ۽ پاڪستان کي وڌيڪ قرض وٺڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، مهانگائي جو بم ڪيرائي عوام جو رت چوسيندڙ آءِ ايم ايف آخر حڪمران طبقي کي پنهنجون عياشيون ختم ۽ سادگي اختيار ڪرڻ تي مجبور ڇو نٿو ڪري؟ آءِ ايم ايف معاهدي ۾ موجود جيڪي شرط ظاهر ڪيا آهن انهن سان عام ماڻهو جي زندگي تي سنئون سڌو اثر پوندو، اهڙين شرطن تي عمل ڪرڻ سان ڊالر جي قيمت وڌڻ ۽ رپئي جي قيمت گهٽ ٿيڻ تي حڪومت ڪوبه قدم ڪونه کڻي سگهندي، يعني مارڪيٽ فورس جي نالي تي عالمي مالياتي نظام جي ادرن کي اهو حق حاصل هوندو ته هوو نرمي ڪن يا سختي، بجلي، گيس ۽ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ پڻ اضافو جاري رهندو اهڙي طرح سان نوان ٽيڪس پڻ لڳايا ويندا، اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري مانيٽري پاليسي ۾ سختي جو مطلب ئي اهو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرنسي ۽ زرمبادله جي قيمتن جي تعين جو اختيار آءِ ايم ايف ۽ عالمي مالياتي ادارن کي حاصل هوندو. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته نه فقط صوبائي بلڪه وفاق وٽ به سرپلس بجٽ هجڻ گهرجي ته جئين نوان ٽيڪس لڳائڻ جي ضرورت نه پوي، فوج جي تعداد گهٽائڻ جي ضرورت آهي ڇو ته جنهن ملڪ ۾ غربت، بُک، بدحالي جي ڪري عام ماڻهن کي ٻن ويلن جي ماني نصيب نه هجي ان ملڪ ۾ ايڏي وڏي فوج رکڻ جي ڪابه ضرورت ڪونه آهي، البته جديد دور جي تقاضن پٽاندڙ ملڪي فوج کي هٿيار ۽ گوله بارود ڏئي ناقابل تسخير بڻايو وڃي جڏهن ته فورس جي تعداد ۾ گهٽتائي ڪري بجٽ تي بار گهٽائي سگهجي ٿو، پيٽرول، ڊيزل تي ليوي ٽيڪس سان عوام جي چيلهه چٻي ۽ معيشت تباه ٿي ويندي، عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ بجلي، گيس، پيٽرول سميت عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي، حڪمرانن پاران آءِ ايم ايف سان ڪيل تازي معاهدي سان ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت ۾ وڌيڪ اضافي جو خدشو آهي.










