ڪراچي(نمائندن وٽان) ڪچن ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ، ٽائيم اسڪيل ۽ سينارٽي نه ملڻ خلاف سنڌ ويڪسينيٽر ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽئين ڏينهن به احتجاج جو سلسلو جاري آهي. ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب ملازمن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ڊي ايچ او آفيس کان پبلڪ ھيلٿ آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي .

جڏھن ته ملازمن پاران مسلسل ٽن ڏينھن کان ڊي.ايڇ.اوآفيس آڏوبک ھڙتالي ڪئمپ لڳائي اسپتالن جو ڪار وھنوار بند ڪندي آفيسن کي تالاھنياويا. بک ھڙتال ڪيمپ ۾ يونين اڳواڻن عبدالرزاق چنا، اشوڪ ڪمار، شبيراحمد کوسو ۽ سردار شاهه صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته گاوي ويڪسينيٽرن کي ٽائيم اسڪيل ۽ سال 2010 کان سينارٽي ڏني وڃي ۽ 58 گاوي ويڪسينيٽرن کي پڪو ڪيو وڃي. ***ٽنڊومحمدخان مان لال بخش سٺيو موجب ملازمن احتجاج ڪندي ڊسٽرڪٽ ھاسپيٽل اڳيان احتجاجي ڪئيمپ لڳائي ڇڏي . مطالبا نه مڃڻ تائين جدوجھد جاري رھندي. اڳواڻن جو چوڻ ھو ته وزيراعلي سنڌ پاران ٽائم اسڪيل جي منظوري باوجود سڪريٽري ھيلٿ نوٽيفڪيشن ڪڍڻ لاء تيار ناھي ھنن وڌيڪ چيو ته 58 گاوي ويڪسينيٽر جيڪي 2005 کان مسلسل فيلڊ اندر ڪم ڪندڙ آھن کين مستقل ڪيو وڃي. ھنن چيو ته اسان جا جائز مطالبا حل ڪرڻ تائين احتجاج جاري رهندو.










