مسئلن کي سنڀالڻ هن حڪومت جي وس جي ڳاله ناهي: اسد عمر

مسئلن کي سنڀالڻ هن حڪومت جي وس جي ڳاله ناهي: اسد عمر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي درپيش مسئلن کي سنڀالڻ هن حڪومت جي ذميواري ناهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته هي ماڻهو چوندا هئا ته مهانگائي ختم ڪرڻ آيا آهيون پر اڄ مهانگائي جي شرح 45 سيڪڙو ٿي وئي آهي.هن چيو ته اڄ ملڪي معيشت تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي، وزيراعظم آمريڪي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه بغير سوچ ويچار جي ڪئي، فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽريز بند ٿي رهيون آهن، ٽيليفون اسيمبلي پلانٽ بند ٿي رهيا آهن، ڪارخانا بند ٿي رهيا آهن. اسد عمر جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي، ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي، حڪومت جو ڌيان ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرڻ تي آهي، اربين رپين جا ڪيس ختم ٿي رهيا آهن، عوام ان جي قيمت ادا ڪري رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته سڄي ملڪ ۾ ڪارخانا ۽ گاڏيون ٺاهيندڙ يونٽ بند ٿي رهيا آهن، ڪرپشن جا ڪيس ختم ٿي رهيا آهن، جنهن جا نتيجا عوام ڀوڳي رهيا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته اليڪشن ڪميشن عدالت ناهي، پاڪستان انتهائي خطرناڪ صورتحال تي پهچي چڪو آهي، 6 مهينن ۾ ڪيل فيصلن مهانگائي جو سبب بڻيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو