ڪراچي (رپورٽر) عدالت مزار قائد ويجهو غيرقانوني اڏاوت جي ڪيس ۾ ايس بي سي اي کان رڪارڊ گهري ورتو تفصيل مطابق سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مزار قائد ويجهو عامل ڪالوني ۾ غيرقانوني اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي عدالت ڊائريڪٽر ايسٽ ايس بي سي اي کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي طور تي لاڳاپيل رڪارڊ سميت طلب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته 980 گز جي پلاٽ تي صرف گرائونڊ پلس ون عمارت ٺهي سگهي ٿي سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته گرائونڊ پلس 4 تعمير ٿي وڃڻ ظاهر ۾ غيرقانوني آهي نويد انجم ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته اسان کي گرائونڊ پلس ٿري جي اڏاوت جي اجازت ڏني وئي آهي جنهن کان پوءِ وڪيل عدالت ۾ دستاويز پيش ڪيا عدالت چيو ته دستاويزن ۾ صاف نظر اچي رهيو آهي ته اصل منطوري کان پوءِ هٿ سان ڦيرڦار ڪئي وئي آهي ايس بي سي اي غيرقانوني اڏاوتن جي خلاف عملي قدم نه پئي کڻي جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته لڳي ٿو ته عمارتن کي ڪيرائڻ جو معاملو خانگي شعبي کي ڏيڻو پوندو سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻڌني هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪندي عدالتي حڪم جي ڪاپي ڊي جي ايس بي سي اي کي موڪلڻ جي هدايت ڪئي. ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جوابدار ظهير جي خلاف ڪراچي مان ننڍي ڄمار جي ڇوڪري جي اغوا جي ڪيس ۾ عدالت نڪاح پڙهائيندڙ ۽ شاهد جي ضمانت منطور ڪري ورتي عدالت حڪم ڏنو ته جوابدار اصغر علي ۽ غلام مصطفيٰ کي جيل مان آزاد ڪيو وڃي سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدارن کي هڪ لک لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو ٽرائيل ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.










