لاهور (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي نياڻي ۽ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ ۽ پاسپورٽ واپس ڪرڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ مريم نواز جو پاسپورٽ واپس ڪرڻ ۽ اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي آهي جسٽس طارق عباسي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ 15 جنوري تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. مريم نواز پنهنجي درخواست ۾ 6 هفتن لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي استدعا ڪئي آهي. واضح رهي ته ڪابينا جي ڪميٽي اي سي ايل مان مريم نواز جو نالو ڪڍڻ جي مخالف ڪري چڪي آهي.










