مراد شاهه پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڇاپن جو حڪم

مراد شاهه پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڇاپن جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن جي گدامن تي ڇاپن جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪنهن به ناجائز منافعي خوري جي اجاز نه ڏينداسين، صوبي ۾ نئين فصل لهڻ تائين گهربل مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آهي. وڏي وزير پاسڪو جي پنجاب ۽ بلوچستان جي گدامن مان 3 لک ٽن ڪڻڪ کڻائي اچڻ به حڪم ڏئي ڇڏيو جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ ٽرانسپورٽرز جي هڙتال سبب رڪجي وئي هئي. اهڙو حڪم هن سومر تي ٿيل اجلاس ۾ جاري ڪيو جنهن ۾ زراعت جي وزير اسماعيل راهو، خوارڪ جي وزير هريرام ڪشوري لعل، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي هئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 13 جنوري تي صوبي ۾ اٽو 43 روپيا ڪلو  وڪامي رهيو هو پر اوچتو قيمت وڌي وئي. سنڌ ۾ 4 لک ٽن کان وڌيڪ اسٽاڪ موجود هو هن مهل به 3 لک ٽن ڪڻڪ موجود آهي. ماهوار ڪراچي ۾ هڪ لک 30 هزار ٽن ڪڻڪ جاري ڪندا آهيون جيڪا ٿي رهي آهي. ڪراچي ۾ 77 هزار ۽ حيدرآباد م 25 هزار ٻوريون جاري ڪيون آهن. بعد ۾ اسماعيل راهو صهافين کي ٻڌايو ته ڪراچي جي 25 بچت بازارن مان 22 ۾ سستي اٽي جا اسٽال قائم ڪيا ويا آهن جتي 43 روپيا في ڪلو اٽو وڪامي رهيو آهي. اهڙا اسٽال حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ به قائم ڪيا ويا آهن. اسين ٽرڪون بيهاريون آهن جتان 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 430 رويپن ۾ ملي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو