مدھوبالا کي سفاري پارڪ منتقل ڪرڻ لاءِ احتياطي اپاءَ ورتا ويندا: شاهه

مدھوبالا کي سفاري پارڪ منتقل ڪرڻ لاءِ احتياطي اپاءَ ورتا ويندا: شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته مدهو بالا کي ڪراچي جي چڙيا گھر کان سفاري پارڪ منتقل ڪرڻ لاءِ سمورا احتياطي اپاءَ ورتا ويندا ۽ سفاري پارڪ ۾ هاٿي لاءِ سنچري ٺاهڻ لاءِ تجويزون سنڌ حڪومت کي اماڻيون وينديون. هاٿي سميت ٻين وڏن جانورن جي مڪمل اسڪيننگ ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي چڙيا گھر ۽ سفاري پارڪ جي حوالي سان ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.ان موقعي تي ايڊيشنل چيف ميونسپل سيڪريٽري نجم احمد شاهه، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ڊاڪٽر سيد سيف الرحمان، فورپاز ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر عامر خليلي، قطرينا حسين، سبينا دائود، ڊاڪٽر جاويد ميمڻ، ڊائريڪٽر چڙيا گھر ڪنور ايوب، اويس خان ايڊووڪيٽ ۽ فورپاز جي ٽيم جي ٻين ميمبرن ۽ آفيسر ن شرڪت ڪئي. مڪاني ادارن واري وزير چيو ته سنڌ حڪومت جانورن جي ڀلائي لاءِ هر قسم جي مدد ڪري رهي آهي. اسان کي هاٿي نورجهان جي وفات تي افسوس آهي. هن چيو ته نورجهان جي علاج ۾ فورپاز ٽيم جنهن طريقي سان زو انتظاميا سان سهڪار ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي. اميد آهي ته اسان کي مستقبل ۾ به هن عالمي اداري جي مدد ملندي رهندي ته جيئن جانور بيمار ٿين ته انهن جو علاج بين الاقوامي مڃيل طريقن سان ڪري سگهجي. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ڊاڪٽر سيد سيف الرحمان ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪراچي زو مان مدھو بالا جي منتقلي عيد کان اڳ ڪئي ويندي، ٽريفڪ پلان تيار ڪيو ويو آهي، فورپاز ٽيم پاران ٻڌايل طريقيڪار ۽ معيار جي مطابق عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته سفاري پارڪ لاءِ 20 ايڪڙ ايراضي وڏي جانورن لاءِ مختص ڪئي وئي آهي. هاٿي سنڀاليندڙن جي ٽريننگ شروع ڪئي وئي آهي. ڪراچي جي زو ۾ موجود ٽن شينهن ۽ هڪ شينهن جي رت جا نمونا ڪالهه حاصل ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح سمورن جانورن جي اسڪين ڪئي ويندي. هن چيو ته جيڪا سنچري مدھو بالا لاءِ ٺاهي ويندي ان جو نالو هاٿي نور جهان رکيو ويندو. مڪاني ادارن واري وزير چيو ته هن سپر هاءِ وي تي هڪ هزار ايڪڙن تي مشتمل سفاري پارڪ ٺاهڻ جي تجويز ڏني هئي، جنهن جو به جائزو ورتو وڃي ته جيئن ڪراچي جي شهرين لاءِ وڏو سفاري پارڪ ٺاهي سگهجي. مڪاني ادارن واري وزير چيو ته سفاري پارڪ ۾ اڳ ۾ موجود هاٿين سونيا ۽ ملاڪا جي صحت جو به خيال رکيو وڃي ۽ انهن جي مڪمل اسڪيننگ پڻ ڪئي وڃي. ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته ٽاسڪ فورس جو ٻيو اجلاس 4 مئي تي ٿيندو، جنهن ۾ مستقبل جو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو