اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب جي مخصوص سيٽن تي تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي ٻن اقليتي ۽ ٽن عورت ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.اقليتي سيٽن تي حبڪوڪ رفيق بابو ۽ سيموئل يعقوب جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته عورتن جي مخصوص سيٽن تي بتول زين، سائرا رضا ۽ فوزيا عباس نسيم جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن موجب مخصوص سيٽن تي چونڊيل سمورن ميمبرن جو واسطو تحريڪ انصاف سان آهي.










