ٺٽو (ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري جي صدارت هيٺ محرم الحرام دوران امن امان، صفائي سٿرائي، پيئڻ جي پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي، نيڪال ۽ ٻين انتظامن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نفرت پکيڙيندڙ يا چڙ ڏياريندڙ تقريرون نه ڪرڻ ۽ امن امان، مذهبي هم آهنگي، اتحاد ۽ ڀائيچاري جي فضا برقرار رکڻ تي زور ڏنو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري چيو ته سمورا مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ عالم ۽ شهري سياسي حقن، اظهار راءِ جي آزادي، عقيدي، عبادت ۽ مجلسن جي آزادي کي يقيني بڻائين. هن چيو ته ڪنهن به شخص، تنظيم يا فرقي جي خلاف نفرت پکيڙيندڙ تقريرن ۽ الزامن جي اجازت هر گز نه ڏني ويندي ۽ سوشل ميڊيا تي پڻ اهڙي قسم جي نفرت آميز يا دل ڏکوئيندڙ پوسٽ رکڻ يا شيئر ڪرڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر پبلڪ هيلٿ، ميونسپل، ٽائون ۽ ٻين سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران برساتي پاڻي جي نيڪال، صفائي سٿرائي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي نيڪال، سمورن اجتماعن ۽ جلوسن جي گزرگاهن تي مين هولز جا ڍڪڻ ۽ لائيٽنگ سميت ٻيا سمورا انتظام عاشوره کا اڳ مڪمل ڪيا وڃن، جڏهن ته اسپيشل ٽيمون جوڙي شهرن مان ڪچري جا ڍير جلد هٽايا وڃن. هن حيسڪو عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي ته هو شام ۽ رات جي وقت بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائين ۽ خاص ڪري مجلس ۽ جلسن دوران غير ضروري لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪن. ڊپٽي ڪمشنر سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام جي انتظامن جي حوالي سان تعلقي سطح تي پڻ شيعه، سني ۽ ٻين مڪتبه فڪر جي اڳواڻن سان گڏجاڻيون ڪن ۽ ڪنٽرول رومز قائم ڪيا وڃن ته جيئن سمورن ادارن سان ويجهن رابطي ۾ رهي مسئلن کي فوري حل ڪري سگھجي. ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪيو وڃي جڏهن ته سمورن اجتماعن ۽ جلوسن جي گذرگاهن سان گڏو گڏ ضلعي جي اسپتالن ۽ صحت مرڪزن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪري ايمبولينس، ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ دوائن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي ايس ايس پي عديل حسين چانڊيو سمورن مڪتبه فڪر جي عالمن کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي ملڪ جي حفاظت لاءِ سٺا شهري هجڻ جو ثبوت ڏين ۽ پنهنجي اردگرد موجود شرپسندن تي ڪڙي نظر رکن، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي نفرت آميز ۽ دل آزاري ڪندڙ پوسٽ جيڪو نه صرف اخلاقي پر قانوني ڏوهه به آهي رکڻ ۽ شيئر يا لائق ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته محرم الحرام جي موقعي تي سڪيورٽي پلان جوڙيندي سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ان ڏس ۾ ضلعي ۾ 1600 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جي مقرري ۽ ماتمي جلوسن جي هنڌن تي واڪ تھرو گيٽس ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائون پڻ لڳايون وينديون جڏهن ته عورتن جي مجلسن دوران ليڊيز رضاڪارن سان گڏ ليڊيز پوليس پڻ مقرر ڪئي ويندي ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي. رينجرز 32 ونگ جي ڊي ايس آر طارق محمود اجلاس کي ٻڌايو ته محرم الحرام دوران پوليس سان گڏيل فليگ مارچ ۽ شهرن جي اندرين ۽ ٻاهرين روڊن تي اسنيپ چيڪنگ جڏهن ته مجلسن ۽ جلوسن دوران پڻ 100 سيڪڙو رينجرز اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو. ان موقعي تي عالمن پاران مختلف تجويزون ۽ مسئلا پيش ڪيا ويا، جن جي حل لاءِ ڊپٽي ڪمشنر کين يقين ڏياريو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ رينجرز جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون رياض حسين لغاري، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو رشيد چنه، رينجرز انسپيڪٽر احمد حسين، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، پبلڪ هيلٿ، صحت، حيسڪو، لوڪل گورنمينٽ، اطلاعات، روينيو، ميونسپل ۽ ٽائون ايڊمنسٽريٽرن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کان علاوه شيعه، سني ۽ ٻين مختلف مڪتبه فڪر جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.










