ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته متاثرن کي گهرن جهڙيون سموريون سهولتون نٿيون ڏئي سگهجن.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪمشنر متاثرن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.هن چيو ته لڏپلاڻ ڪندڙن کي اسڪولن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ رکيو ويو آهي.شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺاهي رهي آهي.صوبائي وزير چيو ته وڏي وزير چيو آهي ته طوفان کان متاثر ساحلي علائقن جي ماڻهن کي گهر ٺاهيا ويندا.هن اهو به چيو ته ڪراچي ۾ هر ٻئي ٽئين مهيني بسون شامل ڪيون وينديون.










