متاثر پولنگ اسٽيشنز تي فوج جي نگراني ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن

متاثر پولنگ اسٽيشنز تي فوج جي نگراني ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف آزاد ڪشمير جي پهرين مرحلي جي چونڊن تي سخت تحفظات جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته متاثر ٿيل پولنگ اسٽيشنز تي نئين سر پاڪ فوج جي نگراني ۾ پولنگ ڪرائي وڃي. پنهنجي هڪ سخت بيان ۾ راجا پرويز اشرف چيو ته ڪيترن ئي هنڌن تان پي پي جي پولنگ ايجنٽن کي ڊيڄاري ڌمڪائي ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ هٿياربند ماڻهن پاران جعلي ووٽنگ ڪرائڻ جون سنگين شڪايتون سامهون آيون آهن. هن چيف اليڪشن ڪمشنر کان مطالبو ڪيو ته ڪوٽلي جي تڪ ايل اي 12 جي متنازع پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا فوري طور روڪيا وڃن ۽ شفافيت قائم ٿيڻ تائين حتمي نتيجي جو اعلان نه ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته پي پي عوامي مينڊيٽ تي ڊاڪو هڻڻ جي ڪا به ڪوشش قبول نه ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو