نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)گذريل ڏينهن شهباز مان مبينه اغوا ٿيل ناري بازياب نه ٿي سگهي، وارث پريشان، پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو، آهي، جنهن ڪري سندس وارث پريشان آهن، ان ڏس ۾ مبينه اغوا ٿي ويل ناري جي امڙ فهيمده پنهنجي نياڻي رضوانه سان گڏ نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، ان موقعي تي هن دانهيندي چيو ته هٿياربند منهنجي نياڻي سائره کي اغوا ڪري کڻي ويا، ڪنڊيارو پوليس رپورٽ داخل ڪرڻ بعد پوليس تحرڪ نه ورتو آهي ٿاڻي تي وڃي ٿڪجي پئي آهيان، پر ڪيس داخل نه پيو ڪيو وڃي، پوليس مون کي رلائي رهي آهي، نياڻي بازياب نه ٿيڻ ڪري هو سخت پريشان آهي، غريب مسڪين هجڻ ڪري سندن ڪير به مدد ڪرڻ وارو نه آهي، هن ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نياڻي کي بازياب ڪرائي ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندي، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي، پوليس معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي










