ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ماڊل نيها تاثير جنهن سيپٽمبر 2021 ۾ پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي پٽ شهباز تاثير سان شادي ڪئي هئي، مداحن کي اپيل ڪئي آهي ته هو يوڪرين ۾ ڦاٿل سندس خاندان جي صحتيابي ۽ بحفاظت واپسي لاءِ دعا جي اپيل ڪئي آهي. نيها تاثير انسٽاگرام تي يوڪرين تي روسي حملي بابت مختلف ڪهاڻيون پوسٽ ڪندي مداحن کي اپيل ڪئي ته هو اتي ڦاٿل سندس خاندان جي صحتيابي لاءِ دعا ڪن. نيها تاثير پنهنجي هڪ ڪهاڻي ۾ لکيو ته سندس زندگي گذريل ڪجهه ڏينهن کان تمام ڏکيائين مان گذري رهي آهي، هو جنهن ڏک ۽ تڪليف مان گذري رهي آهي ان کي بيان نٿو ڪري سگهجي. هوءَ يوڪرين جي صورتحال تي پنهنجي ذهني، جذباتي حالت جو اظهار نه ڪري سگهيو ۽ مداحن کي سندس گهرڀاتين جي صحتيابي لاءِ دعا جي اپيل ڪئي.










