ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جو ناليوارو اداڪار لطيف مُنا کي هزارين آلين اکين سان ميران شاهه قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوگذريل رات سوشل سيڪيورٽي اسپتال ۾ گزاري ويو هو. جمعي تي کڏا مارڪيٽ ۾ سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي. لطيف مُنا هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ هو ۽کلڻو ملڻو ماڻهو هو. هو ڳچ عرصي کان بيمار هو، سرڪار سندس سار نه لڌي. هڪ هزار کان وڌيڪ ڊرامن ۾ اداڪاري ڪندڙ هي ليجينڊ اداڪار لياري ۾ رهندو هو. 7 نومبر 1945 تي جنم وٺندڙ لطيف مُنا اين جي وي اسڪول مان تعليم پرائڻ بعد 1977 ۾ اسٽيج ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ اداڪاري شروع ڪئي. هن جو پهريون ڊرامو پيوند هو، چهچٽو، دنيا ديواني ۽ ناٽڪ رنگ سميت ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. هو اصل چوهڙ جمالي جو هو سندس والد مختيارڪار رهيو ۽ پاڻ به وڏي پائي جو اداڪار رهڻ باوجود ڪراچي جي غريب ترين علائقي لياري ۾ ئي رهيو. هو ڏاڍو رحمدل ۽ سڀني جي ڪم اچڻ وارو، ايماندار شخص هو. سندس سوڳوارن ۾ بيواهه، ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي شامل آهن. سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي صدر حميد ڀٽو سنڌ ۾ ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.










