ليبر بيورو جي سيڪريٽري اطلاعات کي مبارڪ

ليبر بيورو جي سيڪريٽري اطلاعات کي مبارڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پيپلز ليبر بيورو آف پاڪستان جي وفد صوبائي صدر حبيب الدين جنيدي جي سربراهي ۾ سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگي سان ان جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس 21هين گريڊ ۾ ترقي ماڻڻ تي مبارڪون پيش ڪيون. حبيب الدين جنيدي چيو ته عبدالرشيد سولنگي پورهئي کاتي ۾ قانون سازي ۾ نمايا ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هو پنهنجون ذميواريون مستقبل ۾ به ان ئي جذبي ۽ محنت سان ادا ڪندو. ان موقعي تي پائلر جي جوائنٽ ڊائريڪٽر سيد ذوالفقار شاھ، ڪوآرڊينيٽر فدا حسين شاھ، طاهر حسن خان ۽ اسد خان به موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو