لنڊن (ويب ڊيسڪ) لبنان جو آرمي چيف سرڪاري دوري تي پاڪستان لاءِ روانو ٿي ويو آهي. برطانوي خبرن جي ايجنسي موجب، لبناني فوج جو چوڻ آهي ته لبناني آرمي چيف روڊولف هيڪل، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. نيوز ايجنسي جو چوڻ آهي ته لبناني فوج اڃا تائين هن دوري جي مدت (ڏينهن) يا تفصيلي ايجنڊا بابت ڪا به باضابطه معلومات جاري ناهي ڪئي. واضح رهي ته لبناني آرمي چيف جو اهو دورو اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي، جڏهن پاڪستان، ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ ۽ مستقل جنگ بندي لاءِ سفارتي ڪوششون ڪري رهيو آهي، ۽ ٻئي پاسي لبنان کي اسرائيلي حملن جو سامنا آهي.










