لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ اثرائتا اپاءَ وٺڻ جو حڪم

لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ اثرائتا اپاءَ وٺڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ اثرائتا اپاءَ وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ جي گهرو کاتي، آئي جي ۽ ٻين کان 3 هفتن ۾ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي آهي. سومر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن مان 12 لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ داخل درخواست ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ اثرائتا اپاءُ وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت رمارڪس ڏنا ته پوليس لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ سمورن ادارن کي خط لکي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏيل تعاون سان گم ٿي ويل ماڻهن جو پتو لڳائن، عدالت سنڌ جي گهرو کاتي، آئي جي سنڌ ۽ ٻين کان ٽن هفتن ۾ اڳڀرائي رپورٽ گهري ورتي، لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ شهري شاهه وزير، پروين بي بي، پني شاهه ۽ ٻين درخواستون داخل ڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو