لاهور (ويب ڊيسڪ) مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو اگهه هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي ويو آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب اگهه ۾ واڌ کانپوءِ ڪڻڪ 4200 کان 4600 رپيا في مڻ وڪرو ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، جنهن سبب مل مالڪن اٽو 150 رپيا في ڪلو وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب ڪمرشل اٽي جو 15 ڪلو ٿيلهيو دڪانن ۾ 1800 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته شهر جي ڪيترن ئي دڪانن تي اٽو موجود ناهي.ٻئي طرف لاهور ۾ ڪڪڙ جو گوشت به 540 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.










