لاهور(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي پوري ٽيم 179 رنز تي آئوٽ ٿي وئي. ڪوئٽا جي ٽيم 30 رنز تان شڪست ڏئي پهريون دفعو فائنل ۾ پهچي وئي آهي. سڀاڻي ڪراچي ۽ لاهور ۾ مقابلو آهي. جيڪا ٽيم انهن مان کٽيندي اسلام آباد ان سان کيڏندي. ٽيم 15 اوورن ۾ 145 رنز ٺاهيون. اوپنر ايلڪس هيلز بنا رن ٺاهڻ جي ٻئي اوور ۾ آئوٽ ٿيو، ويندردسن 35، فرحان 52، شاداب خان 16، جيمز نيشام هڪ رن ٺاهي فهيم جي بال تي بولڊ ٿيو. عماد وسيم 5 رنز ٺاهي محمد عامر جي بال تي فهيم اشرف هٿان ڪيچ ٿيو. سلمان آغا 44، نسيم شاهه زيرو تي غازي غوري 4 رنز ٺاهي عامر جو ٻيو شڪار بڻيو. رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. آخري آئوٽ ٿيندڙ رانديگر سلمان ارشاد هو جيڪو وسيم جي بال تي حسن نواز هٿان ڪيچ ٿيو. ڪوئٽا ميچ کٽڻ لاءِ اسلام آباد کي 210 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. ڪوئٽا مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 209 رنز اسڪور ڪيون. دنيش چندي مل 48 ناٽ آئوٽ رنز ٺاهيون، فهيم اشرف 45 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. پي ايس ايل جي ٻئي مرحلي جو پهريون پر اهم ميچ ڪوئٽا ۽ اسلام آباد وچ ۾ لاهور ۾ کيڏيو پيو وڃي. ڪوئٽا ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاور پلي جي 6 اوورن ۾ ڪوئٽا 3 وڪيٽن جي نقصان تي 70 رنس ٺاهيون. ڪپتان سعود شڪيل 12 رنس ٺاهي بين دوارشس جي بال تي نسيم شاهه هٿان ڪيچ ٿيو. رائلي روسو به ساڳئي بالر جي ٻئي اوور ۾ 16 رنز ٺاهي ڪيپر غازي غوري هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد حسن نواز 6 رنز ٺاهي سلمان ارشاد جي بال تي ڪپتان شاداب هٿان ڪيچ ٿيو. شاداب جو ابتي پاسي کان شاندار رننگ ڪيچ هو. فن ايلن جو ساٿ ڏيڻ اويشڪا فرنانڊو آيو. فن ايلن 7 چوڪن جي مدد سان 41 رنز ٺاهي عماد وسيم جي بال تي صاحبزاده فرحان هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد اويشڪا فرنانڊو به 32 رنس ٺاهي شاداب جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو.










