لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو بند نه ٿيو، شهري مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن رپورٽن مطابق مل مالڪن اٽي جو في ڪلو 120 رپيا وصول ڪيو. مظفر ڳڙهه ۾ سستي اٽي جي محدود سيل پوائنٽس سان لاڳاپيل شهرين جو چوڻ آهي ته اٽي جو بار اچڻ کان اڳ ئي ختم ٿي ويو آهي.شهرين هوٽلن تي سرڪاري اٽو فراهم ڪرڻ جو به الزام لڳايو آهي.پنجاب جي سيڪريٽري خوراڪ نادر چشتي جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ اٽي جي ڪا به کوٽ ناهي. ڪڻڪ تمام گهڻي آهي. اٽي جي قيمتن کي وڌيڪ وڌڻ نه ڏينداسين. سندس چوڻ آهي ته مافيائن خلاف آپريشن جاري رهندو.










