اسلام آباد(بيورو )چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڀني هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسز ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل شرڪتڪئي. جاري ڪيل پڌرائي موجب، قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته عدليه بنيادي حقن جي مسئلي تي سمجهوتو نه ڪندي. گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي تي ادارتي جواب لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته گم ٿيل ماڻهن بابت اعليٰ سطحي ڪميٽي ان معاملي تي ايگزيڪيوٽو جي خدشن تي پڻ غور ڪندي.قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي جي بيان موجب، ڪميٽي جي اجلاس ۾ عدالتي آفيسرن کي ٻاهرين مداخلت کان تحفظ فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اعلان موجب، هاءِ ڪورٽس ۾ عدالتي آفيسرن کي ٻاهرين مداخلت کان بچائڻ لاءِ هڪڍانچو قائم ڪيو ويندو، ۽ ٻاهرين مداخلت جون شڪايتون لاڳاپيل فورم تي ڪيون وينديون.قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي جي اعلان ۾ چيو ويو ته عدالتي آفيسرن جي ٻاهرين مداخلت جي شڪايتن جو ازالو مقرر وقت اندر ڪيوويندو.قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي هاءِ ڪورٽن کي هدايت ڪئي ته رپورٽنگ ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ هڪجوڳو نظام تيار ڪيو وڃي.اجلاس ۾ ڪمرشلڪيسن جي تيزيءَ سان حل لاءِ ڪمرشل لٽيگيشنڪوريڊور جي قيام ۽ تيز انصاف جي عزم جي مطابق ڊبلڊڪٽڪورٽ ريجيم آزمائشي طورتي لاڳوڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.اعلان موجب، مالي ۽ ٽيڪس معاملن سان لاڳاپيل آئيني درخواستن جي ٻڌڻي هاءِ ڪورٽن ۾ ڊويزن بينچ ڪندي.قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي اجلاس ۾ فوجداري ڪيسن جي التوا کي گهٽائڻ لاءِ ماڊلڪرمنلٽرائلڪورٽس جي فريم ورڪ جي منظوري ڏني. ضلعي عدليه ۾ ھڪجھڙائي۽ اعليٰ معيار کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪڪميٽي قائم ڪئي وئي. ڪميٽي جي سربراهي جسٽس (ر) رحمت حسين ڪندو، جڏهن ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس، هاءِ ڪورٽس جا رجسٽرار ۽ فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل ڪميٽي ۾ شامل ھوندا.اعلان موجب، ججن لاءِ وڪيلن جي ڀرتي لاءِ پيشيورانه ايڪسيلنس انڊيڪس جي تياري جي منظوري ڏني وئي. ڪميٽي پنجاب پوليس جي انسپيڪٽر جنرل پاران سڌارن تي ٻڌل تفصيلي پيشڪش جي تعريف ڪئي.قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي قيدين ۽ سرڪاري شاهدن جي حاضري لاءِ وڊيو لنڪ ايس او پيز جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اعلان موجب، عدالتي اڪيڊميون پوليس آفيسرن لاءِ تربيت جو انتظام ڪنديون.










