قومي اسيمبلي جو پهريون باقاعده اجلاس سڀاڻي ٿيندو

قومي اسيمبلي جو پهريون باقاعده اجلاس سڀاڻي ٿيندو

اسلام آباد(بيورو)گذريل مهيني عهدو سنڀاليندڙ وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ اتحادي حڪومت جي قيام کانپوءِ قومي اسيمبلي جو پهريون اجلاس سڀاڻي (سومر) ٿيندو، جنهن ۾ ايوان کي فعال ڪرڻ ۾ چئلينجز درپيش آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل باضابطه اعلان موجب صدر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 54 (1) تحت سومر ڏينهن 4 وڳي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ لاءِ سمن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. اجلاس جو آچر تي جاري ڪيو ويندو. ذريعن کي ٻڌايو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي جي پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفيٰ جي تصديق ڪندي مرحلي جي شروعات جو امڪان آهي، جنهن لاءِ هو استعيفيٰ ڏيندڙ ميمبرن کي سيشن دوران انفرادي يا گروپن ۾ پنهنجي چيمبر ۾ گهرائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو