قومي احتساب ترميمي بل 2023 منظور

قومي احتساب ترميمي بل 2023 منظور

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)قومي احتساب ترميمي بل 2023ع پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ منظور ڪيو ويو.پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ قومي احتساب ترميمي بل 2023 تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته نيب قانون کي ڪاري قانون طور استعمال ڪيو ويو.هن چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ نيب قانون کي ختم ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، فيئر ٽرائل کي يقيني بڻائڻ لاءِ نيب قانون ۾ ترميمون ڪيون ويون.قانون واري وزير وڌيڪ چيو ته نيب ايڪٽ تي عملدرآمد ۾ ڪجهه ٽيڪنيڪل مشڪلاتون هيون، جنهن ۾ ترميم ڪئي وئي، ڪنهن به اداري کي اهو اختيار ناهي ته هو ان اعليٰ اداري کي قانون سازي ڪرڻ کان روڪي سگهي.هن چيو ته صدر کي پارليامينٽ جا اختيار ختم ڪرڻ جو اختيار ناهي، نه ئي ڪو ادارو ۽ نه ئي ڪو فرد پارليامينٽ جي قانون سازي جي اختيار کي محدود ڪري سگهي ٿو.سينيٽر اعظم نذير تارڙ اهو به چيو ته ڪنهن به اداري کي پارليامينٽ جي قانون سازي جي طاقت کي روڪڻ جو اختيار ناهي، اسان پوري ڪوشش ڪئي آهي ته عدليه جي آزادي جا بنيادي اصول متاثر نه ٿين.هن چيو ته نيب قانون تحت ڪنهن به ڏوهه کي سزا نه ڏني وئي آهي، ڪجهه ڏوهن کي ٻين فورمن تي منتقل ڪيو ويو آهي.اجلاس دوران قومي احتساب ترميمي بل 2023ع جي شق وار منظوري کانپوءِ بل جي منظوري ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو