اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جنگ جي قيمت کي چڱي ريت ڄاڻي ٿو. بلاول ڀٽو بجيٽ بحت تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ سموري دنيا لاءِ اميد جي هڪ نئين روشني پيد اٿي آهي، ايران آمريڪا معاهدو انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته امن جنگ کان بهتر آهي. هن چيو ته مان صدر آصف علي زرداري، فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. پاڪستان جنگ جي قيمت کي چڱي ريت ڄاڻي ٿو.بلاول ڀٽو چيو ته خطو اڃان مڪمل طور تي پرامن ناهي ٿيو، ڀارت طرفان سندور ٽو جهڙا بيان ۽ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته ٻاهريون طاقتون خطي ۾ دهشتگردي جي سرپرستي ڪري رهيون آهن جنهن سبب سيڪيورٽي صورتحال وڌيڪ ڏکي ٿي رهي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن ٿيڻ هڪ تاريخي اڳڀرائي آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن امن قائم ٿيندو آهي ته قومون ترقي ڪنديون آهن، نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا آهن ۽ معاشي سرگرمين ۾ واڌارو ايندو آهي. بلاول ڀٽو زرداري امن لاءِ ڪيل ڪوششن تي صدر آصف علي زرداري کي به خراج تحسين پيش ڪيو.پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي باوجود ڪجهه قوتون خطي ۾ بدامني پيدا ڪرڻ چاهين ٿيون، جڏهن ته ڀارت طرفان “آپريشن سندور-2” جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن. ٻاهرين قوتون دهشتگردي جي حمايت ڪري پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جو آئين وفاق ۽ صوبن کي خرچن ۽ وسيلن بابت واضح اختيار ڏئي ٿو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بجيٽ پيش ٿيڻ کان اڳ ارڙهين آئيني ترميم ختم ڪرڻ بابت غلط افواهون ڦهلايون ويون، جڏهن ته اهو به چيو ويو ته بينظير آمدني سهائتا پروگرام کي ختم ڪيو ويندو، پر اهي سڀ دعوائون بي بنياد ثابت ٿيون. بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت سان گڏجي اهڙو حل ڳولي لڌو آهي جيڪو سڀني ڌرين لاءِ قابل قبول آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ محفوظ آهي ۽ صوبن جو حصو به مڪمل طور محفوظ رکيو ويو آهي.بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو ته صوبن کان وڌيڪ ڪنهن به قسم جو اضافي مطالبو نه ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ کي درپيش سمورن مسئلن ۽ خطرن جو مقابلو وفاق ۽ صوبا گڏجي ڪري سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته اڄ به صوبن کي پيٽروليم ليوي ۽ ٻين محصولن مان سندن جائز حق مڪمل طور حاصل نه ٿي رهيو آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومتون ماضي ۾ به قربانيون ڏينديون رهيون آهن ۽ اڄ به قومي مفاد خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ارڙهين آئيني ترميم کان پوءِ اهو تاثر ڏنو ويندو رهيو آهي ته صوبن وٽ وسيلا وڌيڪ آهن، پر حقيقت اها آهي ته وفاق سان گڏ صوبا به ساڳين معاشي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري ياد ڏياريو ته ارڙهين ترميم تحت صوبن کي وڌيڪ وسيلا ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، پر اڃا تائين ان تي مڪمل عمل نه ٿي سگهيو آهي. پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته پنجاب صوبي هن سال لڳ ڀڳ نو سئو ارب رپين جي اضافي بچت ڏيکاري آهي، جيڪا پنجاب جي عوام جو حق آهي، پر قومي مفاد خاطر اها رقم وفاق جي مدد لاءِ ڏني پئي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳوڻن قبائلي علائقن سان ڪيل واعدا اڃا تائين مڪمل طور پورا نه ڪيا ويا آهن.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل جو ڳٺ جوڙ خطي جي امن لاءِ خطرو بڻجي رهيو آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا به سياسي اختلافن باوجود قومي ذميواري نڀائيندي وفاق سان سهڪار ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري زور ڀريو ته قومي اتحاد، سياسي اتفاق راءِ ۽ وفاق ۽ صوبن جي گڏيل حڪمت عملي سان ئي ملڪ کي درپيش معاشي، سياسي ۽ سلامتي وارن چئلينجن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاق ۽ صوبن کي گڏجي هڪ ڊگهي مدي وارو ۽ پائيدار معاشي منصوبو تيار ڪرڻو پوندو، جنهن سان ملڪ ۾ ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي جا نوان در کھلي سگهن.










