قلندر جي پانڌيئڙن جي بس ڪلٽي هڪ فوت

قلندر جي پانڌيئڙن جي بس ڪلٽي هڪ فوت

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)مورو ٽول پلازا نيشنل ھاء وي وٽ قلندر لعل شھباز تان واپسي تي پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي.مسافر ڪوچ ۾ سوار مسافرن جو تعداد ٻارڙن  عورتن ۽ مردن سميت 80 جي لڳ ڀڳ ٻڌايو ويو آھي، حادثو صبح 7:30 بجي پيش آيو. حادثي سبب ھڪ شخص نالي سيد  علي رضا شاھ پنجاب واسي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو جڏھن ته زخمين جو تعداد 60 جي لڳ ڀڳ ٻڌايو پيو وڃي زخمين کي مورو درس ٿاڻي جي پوليس ۽ موٽروي پوليس فوري طور تي پھچي اسپتال پھچايو زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب کين نوابشاھ ريفر ڪيو ويو آھي ۽ مورو اسپتال ۾ ايمرجنسي پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو