قطر کان گئس ايندي ئي لوڊشيڊنگ ختم ڪبي: لغاري

قطر کان گئس ايندي ئي لوڊشيڊنگ ختم ڪبي: لغاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي توانائي وزير اويس لغاري چيو آهي ته قطر کان ايندڙ 5 ڏينهن ۾ 4 ايل اين جي ڪارگو پاڪستان پهچندا.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وفاقي توانائي وزير اويس لغاري چيو ته قطر کان گئس ايندي ئي لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي.توانائي وزير اويس لغاري دعويٰ ڪئي ته هن وقت به لوڊشيڊنگ ڏيڍ ڪلاڪ کان وڌيڪ نه ٿي رهي آهي.ياد رکڻ گهرجي ته جيئن جيئن ملڪ ۾ گرمي جي شدت وڌندي آهي، تيئن تيئن غير اعلانيه لوڊشيڊنگ ۾ غير معمولي اضافو ٿيو آهي.ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 4 هزار ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي، جنهن جي ڪري مختلف شهرن ۾ بجلي جي ڊگهي غير اعلانيه بندش جاري آهي.ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 10 کان 10 ڪلاڪن تائين بجلي غائب ٿيڻ لڳي، جڏهن ته راولپنڊي ۾ 8 کان 10 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ پڻ شهرين جي زندگي کي درهم برهم ڪري ڇڏيو.وفاقي راڄڌاني اسلام آباد به 6.6 ڪلاڪن تائين بجلي کان سواءِ آهي، ۽ لاهور جي علائقن ۾ 5 کان 6 ڪلاڪن تائين بجلي غائب آهي، پشاور جي شهري علائقن ۾ 6 ڪلاڪ ۽ مضافاتي علائقن ۾ 14 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو