ڪراچي(ويب ڊيسڪ)يورپي يونين سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مذمت ڪندي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ايندڙ هفتي ان معاملي تي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. ترڪي جي خابرو ايجنسي انادولو جي رپورٽ موجب يورپي يونين قرآن پاڪ يا ٻين مقدس ڪتابن کي ساڙڻ واري عمل کي جارحانه، توهين آميز ۽ مڪمل طور تي اشتعال انگيز قرار ڏيندي مذمت ڪئي آهي. نبيلا مسرلي، يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي جي ترجمان، هڪ بيان ۾ چيو ته “نفرت، تقسيم ۽ عدم برداشت جي يورپ ۾ ڪا جاء ناهي.” هن چيو ته قرآن پاڪ کي ساڙڻ واري عمل کي رد ڪرڻ ۾ يورپي يونين سويڊن سان گڏ آهي، اهو عمل يورپي يونين جي خيالن جي عڪاسي نٿو ڪري. ترجمان چيو ته اهو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي ڇو ته اهڙو واقعو عيد الاضحيٰ جي موقعي تي پيش آيو جڏهن مسلمان خوشيون ملهائي رهيا هئا. سويڊن جي گادي واري هنڌ اسٽاڪهوم ۾ عيدالاضحيٰ جي پهرين ڏينهن ڪجهه سال اڳ عراق مان سويڊن لڏي آيل هڪ شهري قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۽ صفحن کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ پاڪستان سميت ٻين مسلمان ملڪن ۾ به عيدالاضحيٰ جي موقعي تي… سڄي دنيا مان مذمت جو اظهار ڪيو ويو. شڪي شخص تي سويڊن جي پوليس پاران نسلي فسادن کي ڀڙڪائڻ ۽ آتشبازي تي پابندي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. ان واقعي کانپوءِ پاڪستان، ترڪي، اردن، فلسطين، سعودي عرب، مراڪش، عراق ۽ ايران ان واقعي جي سخت مذمت ڪئي. ٻئي طرف او آءِ سي سويڊن ۾ واقعي تي ايندڙ هفتي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. او آءِ سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس سعودي عرب طرفان اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي صدارت جي مد ۾ سڏايو ويو آهي ۽ اهو اجلاس سعودي جي شهر جده ۾ واقع او آءِ سي جي مرڪز ۾ ٿيندو.










