سلطانپور (رپورٽ قربان علي مھر)ھاليجي شريف م 11 ڄڻن کي ڪھي قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ بچي ويل نوجوان عجيب اللہ انڍڙ گھر ڀاتين جي صدمي سبب مسلسل بيمار رھڻ بعد فوت ٿي ويو. فوتي عجيب الله انڍڙ جي جنوني پيءُ وھب الله پنھنجي ٻين پٽن سان گڏجي زال ڌيئرن ۽ ننڍن پٽن توڙي پٽ جي گھر ڀاتين کي ڪاتي سان ڪھي قتل ڪيو ھو نوجوان عجيب الله انڍڙ، ء سندس ڀاءُ رشيد الله کي جنوني پيءُ گھرڀاتين جي قتل واردات کان ھڪ مھينو اڳ گھران ڪڍي ڇڏيو ھوفوتي نوجوان گھرڀاتين جي قتل واقعي بعد انصاف جو مطالبو ڪندي جوابدارن کي موت جي سزا جي اپيل ڪئي، جوابدارن جو ڪيس سکر جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ھلندڙ آھي. نوجوان عجيب الله جي ڪافي ڏينھن کان طبعيت خراب ھيس، خانگي اسپتال مان علاج ھلندڙ ھو.










