قبضا مافيا خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون، زيرو ٽالرنس پاليسي جو اعلان

قبضا مافيا خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون، زيرو ٽالرنس پاليسي جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني حڪومت جي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ قبضا مافيا خلاف هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير داخلہ ضياءُ الحسن لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر قاسم سومرو سميت اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ، ايس ايس پي ويسٽ، ڊي جي ڪي ڊي اي، ايم ڊي اي ۽ ايل ڊي اي پڻ موجود هئا۔ اجلاس دوران شهر ۾ وڌندڙ تجاوزات ۽ غيرقانوني قبضا خلاف سخت آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو وزير مڪاني حڪومت ناصر حسين شاهه هدايت ڪئي ته ڊپٽي ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي موجودگي ۾ ڀرپور ۽ مؤثر آپريشن ڪيو ويندو۔ هن واضح ڪيو ته چيئرمين ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي سخت حڪمن جي روشني ۾ قبضا مافيا ۽ تجاوزات خلاف بنا امتياز ڪارروائي ڪئي ويندي صوبائي وزير داخلہ ضياءُ الحسن لنجار چيو ته آپريشن ۾ قانون کاتي جي مڪمل سهڪار حاصل هوندي، جڏهن ته سڀني لاڳاپيل ٿاڻن جي ايس ايچ اوز کي پڻ ڪارروائي جو حصو بڻايو ويندو۔ هن هدايت ڪئي ته ڊولپمينٽ ادارا پنهنجا رڪارڊ ۽ ڪاغذات درست ڪن ته جيئن عدالتن ۾ قانوني پيچيدگيون پيدا نه ٿين اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن ڪنهن سرڪاري آفيسر يا اهلڪار خلاف قبضا مافيا سان ملي ڀڳت جا ثبوت مليا ته ان خلاف سخت محکمانه ڪارروائي ڪئي ويندي۔ ناصر حسين شاهه خبردار ڪيو ته اڄ کان پوءِ روينيو، اينٽي انڪروچمينٽ، پوليس يا ڪنهن به ڊولپمينٽ اٿارٽي جي علائقي ۾ قبضي جي شڪايت ملڻ تي لاڳاپيل آفيسرن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويندو۔ هن چيو ته زيرو ٽالرنس پاليسي تحت ڪارروائي ٿيندي، ڀلي ڪو ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي اجلاس ۾ سرجاني ٽائون سيڪٽر 10 ۽ 13 ۾ هڪ مقامي بلڊر طرفان مبينا طور غيرقانوني زمين وڪرو ڪرڻ جو به نوٽيس ورتو ويو۔ وزير مڪاني حڪومت عوام کي خبردار ڪيو ته اهڙن جعلساز عنصرن ۽ غيرقانوني بلڊرن کان هوشيار رهن ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر ۾ راتوں رات ڪچي آباديون قائم ٿي وڃن ٿيون ۽ ڪو به ادارو ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي۔ هن اعلان ڪيو ته ڪچي آبادين ۽ ڳوٺ آبادين جو جامع سروي پڻ ڪرايو ويندو ته جيئن صورتحال کي ڪنٽرول ڪري سگهجي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ويو ته جاري آپريشن دوران ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿئي ۽ سڀ ڪارروائيون قانون مطابق ڪيون وڃن۔ عدالتن ۾ زير سماعت ڪيسن جون فائلون ليگل ٽيم ڏانهن موڪلڻ جو به فيصلو ڪيو ويو حڪام موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر شهر ڀر ۾ قبضا مافيا خلاف عملي ڪارروائي شروع ڪئي ويندي۔

پهنجو تبصرو موڪليو