ڪشمور(رپورٽ جي ايم کوسو)ڪورٽ پاران آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضه ختم ڪرائڻ واري ڏنل حڪم تي امڪاني طور بي گهر ٿيندڙ ماڻهن پاران گهر بچايو تحريڪ شروع ڪئي ويئي آهي, گهر بچايو تحريڪ پاران ڪشمور جي سوين شهرين پاران پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو,ان موقعي تي حاڪم علي نصيراڻي, هدايت جکراڻي, لال خان چاچڙ, محمد حسين جکراڻي, حضور بخش نصيراڻي.غلام محي الدين سولنگي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گذريل پنجاھ کان سٺ سالن کان وٺي اتي ئي آباد آهيون, مرڻ جيئڻ به اتي ئي آهي, وڏن جون قبرون به اتي ئي آهن ۽ اسان سڀ پاڪستاني آهيون ڪنهن ٻئي ملڪ مان نه آيا آهيون تنهن ڪري سرڪار کي ۽ ڪورٽ سڳوري کي اپيل ڪجي ٿي ته مسڪين ماڻهن جي گهرن کي ڊاهڻ واري حڪم تي نظرثاني ڪئي وڃي, ۽ بي گهر ٿيندڙ شهرين کي ڪنهن ٻئي هنڌ گهر ڏيئي آباد ڪيو وڃي,










