سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ)هن سال قطر ۾ ٿيندڙ فيفا ورلڊ ڪپ 2022 ۾ استعمال ٿيندڙ فٽبال سيالڪوٽ جي هڪ فيڪٽري ۾ تيار ڪئي وئي.خليجي رياست ۾ ايندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ فٽبال کي الراحله جي نالي سان متعارف ڪرايو ويو آهي.سيالڪوٽ جي هن فيڪٽري جي سي اي او جو چوڻ آهي ته فٽبال کي جديد ٽيڪنالاجيءَ موجب خودڪار مشينري سان ٺاهيو ويندو آهي.هن چيو ته الراحله فٽبال ورلڊ ڪپ نومبر ۾ قطر ۾ کيڏي ويندي. هن اهو پڻ چيو ته فٽبال ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ مواد ريسائڪلنگ آهي جيڪو ماحول دوست هوندو.










