فيض حميد فوجي عدالت جي سزا خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي

فيض حميد فوجي عدالت جي سزا خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي وڪيل نجي چينل سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي آهي ته فوجي عدالت طرفان ٻڌايل سزا جي خلاف اپيل داخل ڪئي وئي آهي. وڪيل ميان علي اشفاق اپيل داخل ٿيڻ جي تصديق ڪئي پر انهي حوالي سان وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو.فيض حميد کي 11 ڊسمبر تي فوجي عدالت رازداري جي قانون جي ڀڃڪڙي، سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ ٻين کي نقصان پهچائڻ بابت چئن الزامن ۾ ڏوهاري قرار ڏيندي 14 سال پورهئي سان سزا ٻڌائي هئي. پاڪستان آرمي ايڪٽ جي قلم 133 بي جي تحت سزا ۽ فيصلو ٻڌائڻ کان پوءِ انهي کي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي فيصلن خلاف اپيل داخل ڪرڻ جي لاءِ 40 ڏينهن جي مهلت حاصل هئي.اپيل پهريان هڪ ڪورٽ آف اپليز ۾ ٻڌي ويندي آهي جنهن جي سربراهي ميجر جنرل يا انهي کان اعليٰ رينڪ جو آفيسر ڪندو آهي جنهن کي آرمي چيف مقرر ڪندو آهي، جڏهن ته آرمي چيف کي سزا جي توثيق، ترميم يا ملتوي ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو آهي. تاريخ تي نظر وجهون ته خبر پوندي ته فوجي اپيل جو عمل ڪيترن ئي سالن تي ٻڌل رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو