فيض آخري وقت تائين فوج جو سربراهه بنجڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو

فيض آخري وقت تائين فوج جو سربراهه بنجڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير ۽(ن) ليگ جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته فيض حميد آخري وقت تائين فوج جو سربراهه بنجڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.خواجه آصف هڪ نجي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته رٽائرمينٽ وٺڻ کان اڳ اڳوڻو ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد فوج جو سربراهه بنجڻ جو خواهشمند هو ۽ ان جي لاءِ هن تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون. اڳوڻو آرمي چيف قمر جاويد باجوه به جنرل فيض جي لاءِ انهي سان ۽ ان جي پارٽي قيادت سان لاڳيتو رابطا ڪندو رهيو ۽ ان سلسلي ۾ تعاون جي درخواست ڪندو رهيو. جنرل فيض به رابطو ڪيو هو.ليگي اڳواڻ موجب اهو چوڻ صحيح آهي ته جنرل باجوه اهو چيو هو ته فيض حميد جي نالي سان اسان پوئتي هٽي ٿا وڃون ۽ عاصم منير جي نالي سان نوازشريف ۽ شهباز شريف پوئتي هٽي وڃن. جنرل باجوه سان ملڻ لاءِ هيليڪاپٽر ۾ ويهي وڃڻو پوندو هو ۽ انهي ڳالهه جو گواهه ان وقت جو پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر احمد علي خان به آهي.خواجه آصف چيو ته فيض حميد جي رٽائرمينٽ کان پوءِ سياست ۾ جيڪي واقعا ٿيا انهن ۾ جنرل فيض جو هٿ آهي، اهو پاسيرو نٿي رهي سگهيو ڇو ته جنهن شخص اڻ کٽ اختيار استعمال ڪيا هجن انهي کي پوئين سيٽ تي ويهڻ هضم ناهي ٿيندو. اهو سڀ ڪم اڪيلي جنرل فيض جو نٿو ٿي سگهي. هن پنهنجو تجربو ضرور شيئر ڪيو هوندو. حدف ڏنا هوندا ۽ اسٽريٽجڪ ايڊوائيزر جي طور تي ڪردار ادا ڪيو هوندو. حالتون ۽ واقعا انهي طرف اشارو ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو