فيض جو ڪورٽ مارشل، 3 رٽائرڊ آرمي آفيسر گرفتار

فيض جو ڪورٽ مارشل، 3 رٽائرڊ آرمي آفيسر گرفتار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي ڪورٽ مارشل جي سلسلي ۾ 3 رٽائرڊ آفيسر به فوجي حراست ۾ آهن.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فوج جي بي ضابطگين جي الزام ۾ ٽن رٽائرڊ آفيسرن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، رٽائرڊ آفيسرن ۽ سندن ساٿين کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب فوجي نظم و ضبط جي ڀڃڪڙي تي ٽن رٽائرڊ آفيسرن کي حراست ۾ ورتو ويو، ڪجهه رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ سندن ساٿين خلاف جاچ ڪئي پئي وڃي.آءِ ايس پي آر موجب 3 رٽائرڊ آفيسر سياسي مفادن جي آڙ ۾ عدم استحڪام کي ڀڙڪائي رهيا هئا. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته فوجي حراست ۾ ورتل ٽن آفيسرن جا نالا سامهون اچي ويا آهن، گرفتار آفيسرن ۾ 2 رٽائرڊ برگيڊيئر ۽ 1 رٽائرڊ ڪرنل شامل آهي.ذريعن موجب گرفتار آفيسرن ۾ برگيڊيئر (ر) غفار، برگيڊيئر (ر) نعيم ۽ ڪرنل (ر) عاصم شامل آهن، ٽيئي آفيسر ميسنجر طور ڪم ڪري رهيا هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين رٽائرڊ فوجي آفيسرن سميت 8 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو