اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي 22 جنوري تي ڪندي.بينچ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کانسواءِ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل هوندا.فيض آباد ڌرڻي نظرثاني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي فيض آباد ڌرڻي ڪميشن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.










