مچ (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي بولان جي علائقي مڇ ۾ سيڪيورٽي فورسز پابندي مڙهيل بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) جي دهشتگردن جي فائرنگ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ذريعن موجب سڪيورٽي فورسز کي اڳ ئي دهشتگرد حملي جي اطلاع ملي چڪي هئي،ذريعن جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز اطلاع ملڻ تي دهشتگردن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو هو، سڪيورٽي فورسز جي موثر جوابي ڪارروائي کانپوءِ دهشتگرد پسپا ٿي ويا،ذريعن موجب سڪيورٽي فورسز فرار ٿيل دهشتگردن خلاف سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.بلوچستان جي نگران سڌ سماءَ واري وزير چيو ته حملي ۾ ڪنهن به سهولتن کي نقصان نه پهتو ۽ نه ئي ڪو جاني نقصان ٿيو آهي.صحت واري سيڪريٽري موجب ميچ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪوئيٽا جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ ضروري طبي عملو طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صحت کاتي جي ٽيمن کي به الرٽ ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ شهر ۾ بجلي بند ٿي وئي.بعد ۾ پوليس موجب فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا.ٻئي طرف ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارت ۽ بي ايل اي جي ڪوڙ ۽ من گھڙت پروپيگنڊا کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست ملي آهي.










