فورسز جي سموري ملڪ ۾ ڪارروايون، دهشتگرد گرفتار ۽ حملا ناڪام

فورسز جي سموري ملڪ ۾ ڪارروايون، دهشتگرد گرفتار ۽ حملا ناڪام

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سڪيورٽي فورسز پاران ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري آهن.ملڪ ۾ تازي وڌندڙ دهشتگردي خلاف سڪيورٽي فورسز سڄي ملڪ ۾ ڪيترائي ڪارروايون ڪيون ۽ 3 مهينن دوران دهشتگردن، سندن سهولتڪارن کي گرفتار ۽ ڪيترائي حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا.فورسز سڄي ملڪ ۾ 6921 ڪاررواين ۾ 142 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 1007 کي گرفتار ڪيو.خيبرپختونخواهه ۾ 1960 آپريشنز مان 1516 ايريا ڊوميشن آپريشن ڪيا ويا، صوبي ۾ 301 انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۽ 143 ايريا سينٽيائيزيشن آپريشن ڪيا ويا جڏهن ته صوبي ۾ 98 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 540 کي گرفتار ڪيو ويو.3414 آپريشنن مان 2980 ايريا ڊوميشن آپريشن، 67 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۽ 367 ايريا سينٽيائيزيشن آپريشن ڪيا ويا جن ۾ 40 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 112 کي گرفتار ڪيو ويو.سنڌ ۾ 752 انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 344 گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته پنجاب ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز جي 165 مان هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ 11 کي گرفتار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو