فورسز جون ڪاروايون، 2 جوان شهيد، 2 دهشتگرد مارجي ويا

فورسز جون ڪاروايون، 2 جوان شهيد، 2 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخوا جي وادي تيره ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوان شهيد ۽ 2 دهشتگرد مارجي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي، مقابلي ۾ 4 دهشتگرد زخمي پڻ ٿيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوان بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويا، سپاهي وقاص علي شاهه ۽ سپاهي باسط علي شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي کي ڪليئر ڪيو پيو وڃي.آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو