راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آپريشن شعبان پاڪستان فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس پاران فتنہ الھندوستان جي دهشتگردن خلاف گڏيل طور تي ڪيو پيو وڃي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، فورسز تازين ڪارروائين ۾ 3 وڌيڪ خارجين کي ماري ڇڏيو آهي، جنهن سان آپريشن شعبان ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 67 ٿي ويو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته 5 جولاءِ کان وٺي 105 خوارج مارجي ويا آهن.
گهرو وزير محسن نقوي آپريشن شعبان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابين جي تعريف ڪئي آهي ۽ پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جي بهادر پٽن کي سلام پيش ڪيو آهي.
محسن نقوي جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي ادارن جي گڏيل ڪارروائي قومي سلامتي جي حفاظت جي عزم کي ظاهر ڪري ٿي. مان آفيسرن ۽ سپاهين جي بهادري ۽ پيشيورانه صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگرد عنصرن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي، قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺي آهي ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروايون پوري طاقت سان جاري آهن ۽ جاري رهنديون.










