اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ شهرين جا ٽرائل روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ 7 رڪني آئيني بئنچ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جواد ايس خواجا 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جو فيصلو ٿيڻ تائين سول فوجي عدالتن ۾ ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي.عدالت جواد ايس خواجا جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اهي آئيني بينچ کي تسليم ڪن ٿا؟ جنهن تي وڪيل چيو ته مان آئيني بينچ جو دائرو نٿو ڪريان.جسٽس جمال مندو خيل اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جواد ايس خواجا جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته پوءِ عدالت جو ڪمرو ڇڏي هليو وڃي، جنهن تي وڪيل چيو ته موجوده آئيني بئنچ کي جڊيشل ڪميشن نامزد ڪيو آهي.جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا 26هين آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي؟ جڏهن ته جسٽس محمد علي مظهر چيو ته توهان طرفان دير ڪرڻ جا حربا استعمال ٿي رهيا آهن،هر ٻڌڻ تي ڪا نه ڪا درخواست ايندي آهي،جيڪڏهن 26هين ترميم کي رد ڪيو وڃي ته عدالتي فيصلا محفوظ آهن، فوجي عدالتن ۾ نظربند ماڻهو اهو ئي چاهين ٿا. آئيني بينچ حفيظ الله نيازي کي روسٽرم تي سڏائي پڇيو ته ڇا توهان ڪيس هلائڻ چاهيو ٿا؟ جنهن تي هن چيو ته مان اهو ڪيس هلائڻ چاهيان ٿو، جڏهن ته جسٽس مسرت هلالي چيو ته سوچيو ته جيڪي ماڻهو جيلن ۾ آهن، توهان کي ان ڪيس ۾ دعويٰ ڪرڻ جو حق ناهي.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سندس ڪو پيارو قيدي ناهي، ان ڪري هو دير چاهين ٿا، سپريم ڪورٽ رڳو آئيني ترميم تحت ڪم ڪري رهي آهي، جيڪي به بينچون ٺهي رهيون آهن اهي نئين ترميم تحت ٺهي رهيون آهن، آئيني ترميم جو ڪيس آهي. ترميم تحت جوڙيل بينچ به ان جي ٻڌڻي ڪندي.آئيني بئنچ 26 هين ترميم جي فيصلي تائين فوجي عدالتن جي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جواد ايس خواجا تي 20 هزار رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪري ڇڏيو.










